ڪراچي ۾ اڄ به تيز برسات جو امڪان،الرٽ جاري

ڪراچي ۾ اڄ به تيز برسات جو امڪان،الرٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته شهر ۾ اڄ به تيز برسات جو سلسلو جاري رهندو ۽ سڀاڻي تائين جاري رهندو. ان کان علاوه ڪورنگي ڪاز وي تي پنجين ڏينهن به ٽريفڪ جي رواني معطل آهي.برسات سبب اولڊ سٽي ايريا جي مختلف روڊن ۽ گهٽين ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي، سول اسپتال ڏانهن ويندڙ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، ايم اي جناح روڊ تي ڪي ايم سي آفيس جي سامهون ۽ لائيٽ هائوس ڀرسان روڊن تي پاڻي بيهجي ويو آهي.ٻئي طرف موسميات کاتي موجب اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ڪشمير، سنڌ، اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.اتر ۽ ڏکڻ پنجاب، ڏکڻ خيبرپختونخواهه ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو