ڪراچي ۾ اٽي جي اگهن جي ڀڃڪڙي،گرفتاريون،مرڪز سيل

ڪراچي ۾ اٽي جي اگهن جي ڀڃڪڙي،گرفتاريون،مرڪز سيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ڪراچي انتظاميا ڪڻڪ جي اٽي جي سرڪاري اگهن تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ مهانگائي، مقرر اگهه کان وڌيڪ وصولي، ذخيره اندوزي، هٿرادو کوٽ ۽ ٻين ڀڃڪڙين خلاف شهر ڀر ۾ ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون آهن. گڏيل رپورٽ موجب ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ فلور ملن، اٽي جي چڪين، هول سيلرز ، پرچون وڪرو ڪندڙن ۽ اٽي جي ٻين وڪري مرڪزن تي مجموعي طور 673 انسپيڪشنون ڪيون ويون. انسپيڪشنن دوران 143 ڀڃڪڙيون سامهون آيون، جن تي سرڪاري اگهن ۽ لاڳاپيل ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪاروباري ادارن تي مجموعي طور 12 لک 5 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. سنگين ڀڃڪڙين تي ٻه ڪاروباري مرڪز سيل ڪيا ويا، جڏهن ته 144 ادارن کي خبردار نوٽيس جاري ڪيا ويا. سرڪاري اگهه کان وڌيڪ قيمت وصول ڪندڙ دڪاندارن کي موقعي تي ڏنڊ هنيو ويو، جڏهن ته ڪجهه ڪاروباري ادارن کي خوراڪ کاتي کان گهربل لائسنس حاصل ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون ويون. ضلعي انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ انسپيڪشنون ضلعي ڪورنگي ۾ ڪيون ويون، جتي انتظامي ٽيمن 202 هنڌن جو معائنو ڪيو. ڪارروائين دوران 27 ڀڃڪڙيون سامهون آيون، 3 لک 64 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، 54 ادارن کي تنبيهون جاري ڪيون ويون ۽ هڪ ڪاروباري مرڪز سيل ڪيو ويو، جڏهن ته 87 مرڪزن جي صورتحال اطمينان بخش رهي. ضلعي ڏکڻ ۾ 135 انسپيڪشنن دوران 46 ڀڃڪڙيون رپورٽ ٿيون، جن تي 3 لک 54 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو ۽ 14 ادارن کي تنبيهي نوٽيس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 51 مرڪزن جي صورتحال اطمينان بخش رهي. ضلعي اوڀر ۾ 103 ڪاروباري مرڪزن جو معائنو ڪيو ويو، جتي 21 ڀڃڪڙيون سامهون آيون ۽ هڪ لک 65 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. 16 مرڪزن کي تنبيهي نوٽيس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 66 ڪاروباري ادارن جي صورتحال اطمينان بخش رهي. ضلعي سينٽرل ۾ 81 انسپيڪشنون ڪيون ويون، جن دوران 21 ڀڃڪڙيون رپورٽ ٿيون. ڀڃڪڙين تي هڪ لک 59 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، 39 ادارن کي تنبيهي نوٽيس جاري ڪيا ويا ۽ هڪ ڪاروباري مرڪز سيل ڪيو ويو، جڏهن ته 18 مرڪزن جي صورتحال اطمينان بخش رهي. ضلعي ڪيماڙي ۾ 52 انسپيڪشنون ڪيون ويون، 21 ڀڃڪڙيون سامهون آيون، هڪ لک 54 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو ۽ 11 ادارن کي تنبيهي نوٽيس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 19 مرڪزن جي صورتحال اطمينان بخش رهي. ضلعي اولهه ۾ 75 هنڌن جو معائنو ڪيو ويو، جتي 7 ڀڃڪڙيون سامهون آيون. انهن تي 9 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو ۽ 8 ادارن کي تنبيهي نوٽيس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 58 مرڪزن جي صورتحال اطمينان بخش رهي. ضلعي ملير ۾ 25 انسپيڪشنون ڪيون ويون. ڪنهن به ڀڃڪڙي جي نشاندهي نه ٿي، ڪو به ڏنڊ لاڳو نه ڪيو ويو، جڏهن ته 23 مرڪزن جي صورتحال اطمينان بخش رهي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته فلور ملن، اٽي جي چڪين، هول سيلرز ۽ پرچون وڪرو ڪندڙن سميت اٽي جي ٻين وڪرو مرڪزن جي سخت نگراني جاري رکي وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته سرڪاري طور مقرر ڪيل اگهن جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين پهچي. ضلعي انتظاميا کي وڌيڪ هدايت ڪئي وئي آهي ته اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيرن، ڪاروباري لائسنسن ۽ سرڪاري ريٽ لسٽن جي باقاعده جاچ ڪئي وڃي، ريٽ لسٽ نمايان هنڌن تي لڳرائي وڃي ۽ مقرر اگهه کان وڌيڪ وصولي، غيرقانوني ذخيره اندوزي، هٿرادو کوٽ يا حڪومتي هدايتن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث عنصرن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو