ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اورنج لائن بس سروس هڪ مهيني ۾ فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اورنج لائن بس سروس اورنگي ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي شهرين کي سهولت فراهم ڪندي.سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي، بليو لائين، برائون لائين ۽ بي آر ٽيز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.شرجيل ميمڻ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو ايس آءِ ڊي سي ايل سان ملاقات ڪري اورنج لائين منصوبي تي ڪم تيز ڪري ۽ هو ذاتي طور تي رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان ڳالهائي ته جيئن منصوبي کي مڪمل ڪري سگهجي.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اورنگي ٽائون کان بورڊ آفيس تائين اورنج لائين منصوبي جو 98 سيڪڙو سول ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.رپورٽن مطابق 20 بسن جي خريداري لاءِ لاڳاپيل اداري کي رقم ادا ڪئي وئي.










