ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، پوليس

ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پوليس عملدارن چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي.شارع فيصل سميت اهم روڊن تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 2 ڏينهن دوران هڙتال ۽ باهه لڳڻ جا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ پڻ نامزد آهن.ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن فهيم خان، اڪرم چيما، راجا اظهر سميت 14 نامزد ۽ 200 کان وڌيڪ نامعلوم ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڌاڙن، ڀتاخوري ۽ قتل جي ڪيسن ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. پنجاب جي مختلف علائقن مان هينئر تائين 1400 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو