ڪراچي کي هانگ ڪانگ بڻجڻ نه ڏينداسين، علامه

ڪراچي کي هانگ ڪانگ بڻجڻ نه ڏينداسين، علامه

نوابشاھ (رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)سنڌ جي ورهاست رڳو صوبي جي ورهاست نه هوندي پر اها ملڪ جي ورهاست هوندي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان نه بلڪ ملڪ کان الڳ ڪري هانگ ڪانگ جيان رياست بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظھار جميعت علماء اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد خالد محمود سومرو بڇيريءَ ۾ مولانا عبدالڪريم بروهيءَ جي فرزند حافظ حمادالله بروهيءَ جي تعزيت جي موقعي تي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اهو عالمي ايجنڊا جو حصو آھي.هنن جون پهريون قدم اهو آھي ته ڪور ڪميٽي ٺاهي وڃي ٻيو اسٽيپ ته ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي ٽئين اسٽيپ ۾ الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ چوٿون اسٽيپ اهو آھي ته الڳ ملڪ بڻايو وڃي.اسان هميشه اهو مؤقف ڏنو آھي ته اسان سنڌ جي ترقي چاهيون ٿا ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ ٺهندڙ ھر مشاورتي ڪميٽيءَ جي آجيان به ڪيون ٿا ليڪن اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا ترقيءَ جي ضرورت صرف ڪراچيءَ کي آھي؟ ڇا سنڌ جا ٻيا ضلعا پئرس ۽ لنڊن بڻجي چڪا آھن؟ڪميٽي جوڙي وئي ته اها عوام کان ڇو مخفي رکي وئي؟ ڪنهن جي زور تي اها ميٽنگ رکرائي وئي؟ هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ ڇا طئه ٿيو ان کان عوام بي خبر آھي؟هڪ پاسي پيپلز پارٽي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻي رهي آھي ته ٻئي طرف ڪميٽيءَ جو حصو بڻجي رهي آھي.ڪراچيءَ جا معاملا اها ڪميٽي طئه ڪندي ته پوءِ اهو عوامي مينڊيٽ ڪيڏانهن ويو؟جيڪڏھن 70 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ شهر جيڪڏھن ملڪ کان ڪٽجي ٿو ته معاشي بحران پيدا ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته اهو ملڪ جي ڌڻين کي طئه ڪرڻو پوندو ته اهي ملڪ بچائين ٿا يا ٽوڙين ٿا. ايس ٽي پي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي جدوجهد جي آجيان ڪيون ٿا سنڌ جي ڪاز تي جيڪا به جماعت سڏ ڏيندي جميعت علماء اسلام ان سان گڏ ھوندي. ڪراچيءَ ۾ ضلعو ڪيماڙي جوڙڻ خالصتن انتظامي معاملو آهي جيڪڏھن حيدرآباد کي ٽوڙي ضلعو ٺاهيو وڃي ٿو جيڪڏھن گهوٽڪيءَ کي ٽوڙيو ٿو وڃي ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ  کي ضلعو ٺاهيو وڃي ٿو ته پوءِ صرف ڪراچيءَ تي اعتراض ڇو؟ اڍائي ڪروڙ آباديءَ واري شهر ڪراچي ۾ جيترا وڌيڪ ضلعا ٺھندا اوترا روزگار جا موقعا ملندا اتان جي عوام کي نمائندگي ملندي.ايم ڪيو ايم جي واويلا اجائي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو