ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچي کان ڪشمورعام چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو فيصلو، ڪارڪنن کي ڀرپور تيارين جي هدايت،سنڌ جي عوام جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته مردم شماري جا نتيجا قبول نه ڪنداسين.سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.اها ڳالهه جماعت اسلامي سنڌ جي قائم مقام امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ جي زيرصدارت قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل صوبائي نظم جي اجلاس ۾ چئي وئي، صوبائي ناظم انتخاب ممتاز حسين سهتو۽ مقامي امير حافظ نعيم الرحمن تيارين جو جائزو پيش ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي وقتي امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي سنڌ واسين کي متبادل ۽ ديانتدار قيادت فراهم ڪندي،ميدان خالي ڪونه ڇڏينداسين، سڄي صوبي ۾ اُميدوار بيهاريا ويندا، اربع22 مارچ تي(اڄ) مرڪزي امير سراج الحق لاهور ۾ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان جماعت اسلامي جي منشور جو اعلان ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ستين ۽ پهرين ڊجيٽل مَردم شماري تي سنڌ واسين کي سخت خدشا آهن جيڪي ختم ڪيا وڃن، هن وقت ٻوڏ سٽيل لکين ماڻهو پنهنجي گهرن کان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن انهن جي ڳڻپ ڪئين ٿيندي؟ اهي به شڪايتون ملي رهيون آهن ته آدم ڳڻپ وارو عملو قاعدن تي عمل ڪرڻ بدران رڳو خانه پُري ڪري رهيو آهي، صوبائي امير زور ڀريو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان جي قيام، ڏوهن جي خاتمي ۽ شهرين جي جان، مال جي حفاظت لاءِ سنجيده قدم کڻي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.










