ڪراچي: ڦورن جي شو روم ٻاهران ويٺل 3 ڄڻن کان ڦر

ڪراچي: ڦورن جي شو روم ٻاهران ويٺل 3 ڄڻن کان ڦر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي بلال ڪالوني ۾ 2 جوابدار شو روم ٻاهران ويٺل 3 ماڻهن کان 1 لک 50 هزار نقدي ۽ 3 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب مارجي ويلن ۾ شو روم جو مالڪ ۽ سندس 2 ساٿي شامل آهن، ڦرلٽ 2 ڏينهن اڳ ٿي هئي.واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو موجب 2 جوابدار ٻن موٽرسائيڪلن تي اچي رهيا آهن، ٻنهي جوابدارن ماسڪ پهريل آهن ۽ منهن لڪايو آهي.جوابدارن شو روم ٻاهران ويٺل ٽن ڄڻن کي بندوق جي زور تي ڦر ڪيو، مزاحمت تي مقتول کي تشدد پڻ ڪيو.واقعي کانپوءِ متاثرن موٽرسائيڪل تي فرار ٿيل ٻن ڌاڙيلن کي به پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو