ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مين ڪورنگي روڊ تي ڊي ايڇ اي فيز 2 ۾ هڪ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب ٻه عورتون فوت ۽ ڇهه زخمي ٿي پيون.ريسڪيو عملدارن موجب، عمارت جي پهرين منزل تي هڪ خاندان موجود هو. باهه لڳڻ کان پوءِ عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ريسڪيو عملدارن چيو ته باهه متاثر عمارت ۾ اٺ ماڻهن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو ذريعن موجب، باهه کان متاثر ٻه عورتون علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي ويون.فائر برگيڊ عملدارن چيو ته باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ جانچ ڪئي پئي وڃي ته عمارت ۾ ڪو ٻيو آهي يا نه.










