ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪلفٽن پوليس بلاڪ ون ۾ مقابلي بعد هيڊ ڪانسٽيبل جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب گرفتار جوابدار اڪرام الله 2018ع ۾ بوٽ بيسن ٿاڻي جي حد ۾ آئيڊل بيڪري ڀرسان پوليس پارٽي تي حملي ۾ ملوث هو.پوليس موجب جوابدارن کي رات دير سان ڪلفٽن بلاڪ ون ۾ مقابلي بعد گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار اڪرام الله تي دهشتگردي ۽ پوليس مقابلن سميت ٻيا ڪيس داخل آهن، جڏهن ته جوابدار جي ساٿي واجد شاهه تي به 7 ڪيس داخل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.










