ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪندڙ ٽن دهشتگردن جي سڃاڻپ

ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪندڙ ٽن دهشتگردن جي سڃاڻپ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي حملو ڪندڙ ٽن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.جمعي ڏينهن ڪراچي جي علائقي شارع فيصل تي قائم ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا، جنهن کي ڪلاڪن کانپوءِ پڌرو ڪيو ويو.ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) ايسٽ مڪاد حيدر چيو ته حملي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ دهشتگرد چوٿين منزل تي ۽ 2 ڇت تي مارجي ويا.هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.ذريعن موجب ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪندڙ ٽن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار ذلا نور جو تعلق اتر وزيرستان سان آهي، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ مارجي ويل دهشتگرد ڪفايت الله لڪي مروت جو رهواسي هو.ٽئين دهشتگرد مجيد بابت ٻڌايو پيو وڃي ته سندس تعلق اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو