ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پورٽ 8 سالن کانپوءِ 2 هزار جهازن جي آمد جو سنگِ ميل عبور ڪري ورتو. وفاقي بحري امور واري وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ڪراچي پورٽ تي هڪ سال ۾ 2 هزار 3 جهاز لنگر انداز ٿيا، جڏهن ته جهازن جي آمد ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ 7.5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.سندس چوڻ هو ته ڪراچي پورٽ تي ايندڙ جهازن جو مجموعي ٽنيج (وزن) 8 ڪروڙ 44 لک ٽن کان وڌي ويو آهي. جنيد انوار چوڌري چيو ته گراس رجسٽرڊ ٽنيج ۾ 3 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، بحري واپار ۾ واڌ ملڪي معيشت لاءِ هڪ مثبت اشارو آهي.










