ڪراچي: (بيورو رپورٽ) بلديه حب ريور روڊ ويجهو ٻن ٽرالرن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب، فوت ۽ زخمي ٿيل ماڻهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوت ۽ زخمي ٿيلن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ ٽرافڪ حادثن ۾ 37 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 20 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته هلندڙ سال هينئر تائين مختلف حادثن ۾ 536 ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي چڪا آهن.










