ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيمن جي ٻن گروپن وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران ڪيترائي شاگرد، جن ۾ سنڌي شاگرد به شامل آهن، زخمي ٿي پيا، جڏهن ته واقعي دوران ڪجهه استادن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع مليا آهن. جهيڙي کانپوءِ يونيورسٽي ۾ ڪجهه وقت لاءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.اطلاعن موجب جهيڙو هڪ معمولي تڪرار کانپوءِ شدت اختيار ڪري ويو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ هٿا پائي ٿي. زخمين ۾ ڪاشف، نظير، ذيشان، معشوق مرتضي سرڪي ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي طبي امداد لاءِ ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا فوري طور يونيورسٽي پهچي ويا ۽ صورتحال تي ضابطو آڻي ڪيمپس جو ماحول معمول تي آندو.ايس ايس پي ايسٽ طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.هوڏانهن سنڌي شاگردن ۽ مختلف شاگرد تنظيمن واقعي جي سخت مذمت ڪندي يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيمپس اندر شاگردن ۽ استادن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ تشدد ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
جماعت اسلامي ڪارڪن جو مبينا ٽائون ٿاڻي آڏو احتجاجي ڌرڻو
ڪراچي يونيورسٽي اندر سنڌي شاگردن مٿان تشدد خلاف مبينا ٽائون ٿاڻي تي 20 ڄاتل ۽ 10 اڻڄاتل ماڻھن خلاف حملي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جماعت اسلامي جي سوين ڪارڪنن مبينا ٽائون ٿاڻي آڏو احتجاجي دھرڻو ھڻي ابوالاصفاڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جو چوڻ ھو ته ايف آئي آر بعد سنڌي شاگردن ادان جي ھڪ نوجوان کي ٿاڻي تان کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي انهن چيو ته جستائين اسانجو اغوا ڪيل ماڻھو واپس نه ٿيندو تيستائين دھرڻو ختم نه ٿيندو ٻعد ۾ پوليس ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۾ ڳالھين بعد دھرڻو ختم ڪيو ويو










