ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ماڊل ڪالوني ۾ سڙڪ ڪناري مليل مشڪوڪ شيءِ ڦاٽڻ سبب شهري زخمي ٿي پيو. پوليس موجب، زخمي شهري کي علاج لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.شهري جو پنهنجي بيان ۾ چوڻ آهي ته هو ماڊل ڪالوني ويجهو گذري رهيو هو ته سڙڪ تي مشڪوڪ شيءِ نظر آئي ۽ جيئن ئي کيس کڻي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين ته اها ڦاٽي پئي. ايس ايس پي شرقي جو چوڻ آهي ته شهري جي زخم مان بارودي مواد جو پتو نٿو پوي، پوليس پاران زخمي شهري ۽ سندس والده جو بيان قلمبند ڪيو پيو وڃي.










