ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گولڊن ٽائون مان 10 ڏينهن اڳ مبينا گم ٿيل 14 ورهين جي ڇوڪري دعا زهرا لاهور مان ملي وئي آهي دعا زهرا لاهور ۾ پوليس کي بيان ڏنو آهي ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڪراچي کان لاهور آئي آهي جڏهن ته پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته دعا لاهور واسي نوجوان سان نڪاح ڪيو آهي، دعا کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي










