ڪراچي لاءِ 52 ارب رپين جي 6 منصوبن جي منظوري

ڪراچي لاءِ 52 ارب رپين جي 6 منصوبن جي منظوري

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊبليو پي ڊي) 52 ارب رپين جي ڇهن منصوبن جي منظوري ڏني آهي ، جن ۾ ڪراچي جي ندين ۽ نالن جي بهتري ۽ بحالي شامل آهي.منصوبابندي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان جي صدارت ۾ مرڪزي ترقياتي ورڪنگ پارٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو ، جنهن ۾ نالن۽ندين جي بحالي لاءِ 35 ارب  69  ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي ان کان علاوه ڪراچي جا نالا جيڪي بحالي جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن  محمود آباد جو گجر نالو ، اورنگي نالو ، لياري ۽ ملير ندي شامل آهن.اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلاتي منصوبن جي لاءِ 16 ارب 27 ڪروڙ ن رپين جي منظوري پڻ ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو