ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لانڍي شيرپائو ڪالوني ۽ ڊفينس ۾ پوليس ڪارروايون ڪري 2 جوابدار گرفتار ۽ هڪ عورت منشيات فروش سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب لانڍي شيرپائو ڪالوني ۾ پوليس مقابلي بعد 2 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب ڊفينس فيز 8 مان ڳجهي اطلاع تي منشيات جي وڪرو ۾ ملوث عورت منشيات فروش کي گرفتار ڪيو ويو.گرفتار جوابدار مائرا عرف ماريا نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڊفينس فليٽ ۾ ڊانس پارٽيون منعقد ڪرڻ جي دعوت ڏيندو هو.جوابدار پارٽي ۾ موجود نوجوانن کي مختلف قسم جا منشيات جهڙوڪ آئس، ڪرسٽل ۽ چرس وڪرو ڪندا هئا، جوابدار وٽان منشيات هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب ڪورنگي ابراهيم حيدري ۾ 28 ورهين جي شهزاد گلي ۾ ڦاسي ڏئي خودڪشي ڪئي، مقتول ذهني پريشاني ۾ به مبتلا هو. پوليس موجب اورنگي ٽائون بلوچ ڳوٺ ۾ 14 ورهين جي نوجوان پاڻ کي ڦاسائي خودڪشي ڪري ڇڏي، فوتي جي سڃاڻپ شهزاد جي نالي سان ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهزاد خاندان سان گڏجي شادي جي رٿابندي ڪري رهيو هو، جڏهن ته گهروارن پاران شادي ڪرڻ کان انڪار تي نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي.










