ڪراچي: عمران خان جي فرنٽ مين طارق شفيع جي گهر جي تلاشي

ڪراچي: عمران خان جي فرنٽ مين طارق شفيع جي گهر جي تلاشي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايف آءِ اي جي ٽيم ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي عهديدار طارق شفيع جي گهر تي ڇاپو هڻي پرڏيهه مان رقم جي غيرقانوني منتقلي جي ڪيس ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري ڇڏي.ايف آءِ اي جي ٽيم پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ پرڏيهه مان فنڊن جي غيرقانوني منتقلي جي ڪيس ۾ نامزد پي ٽي آءِ جي عهديدار ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فرنٽ مين طارق شفيع کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن دوران سندس گهر جي سرچ وارنٽ جاري ڪئي وئي. ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل جي ڇاپا مار ٽيم ڪالهه کان مسلسل سندس رهائشگاهه ٻاهران موجود هئي.ايف آءِ اي جي ٽيم خميس ڏينهن ڊي اي اسڪيم ون ۾ طارق شفيع جي گهر پهتي. ايف آءِ اي ٽيم کي طارق شفيع جي گهرواري سندس رهائشگاهه تي موجود نه هجڻ جو اطلاع ڏنو، جڏهن ته ايف آءِ اي عملدارن کي شڪ آهي ته هو گهر ۾ موجود آهي.ايف آءِ اي 5 آڪٽوبر تي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي ۾ داخل ايف آءِ آر نمبر 14/2022 ۾ نامزد مرڪزي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.ڪيس ۾ سيد عارف مسعود نقوي ۽ محمد رفيع لاکاڻي کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فنڊن جي غير قانوني منتقلي ۾ ملوث ملڪي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيون ويون آهن.ايف آءِ اي جي ٽيم عدالت مان سرچ وارنٽ حاصل ڪرڻ بعد گهر جي تلاشي ورتي پر طارق شفيع گهر ۾ موجود نه هو.ايف آءِ آر موجب جوابدارن امن فائونڊيشن جي نالي تي پرڏيهه مان مليل 9 ارب رپين جي امدادي رقم پنهنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ هڙپ ڪئي يا خيراتي ڪمن لاءِ مليل رقم کي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.امداد جي اها رقم پرڏيهه مان طارق شفيع جي ڪراچي بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي جيڪا بعد ۾ پي ٽي آءِ جي اسلام آباد بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي.عارف نقوي جي گرفتاري کانپوءِ سيشن جج ايف آءِ اي کي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي.ايف آءِ اي اختيارين موجب هن غير معمولي مائيڪرو برڊ جو تعلق اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو