ڪراچي: سي ويو اپارٽمنٽ ۾ بيٺل گاڏي مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي: سي ويو اپارٽمنٽ ۾ بيٺل گاڏي مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن سي ويو نشان پاڪستان جي ڀرسان اپارٽمنٽ جي پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان ٻن ڄڻن جا لاش مليا آهن.ايدهي ترجمان موجب لاش سي ويو اپارٽمينٽ جي پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان مليا، ٻئي لاش مردن جا آهن، گاڏي گيراج ۾ بيٺل هئي جنهن مان بدبوءِ اٿڻ تي علائقي جي رهواسين پوليس کي اطلاع ڏني.پوليس اختيارين طرفان شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا. شروعاتي جاچ موجب هڪ شخص جي سڃاڻپ 34 ورهين جي اسدالله ولد محمد نبي جي نالي سان ڪئي وئي جڏهن ته ٻئي شخص جي سڃاڻپ اڃان تائين ناهي ٿي سگهي.فوت ٿي ويل شخص شيرين جناح ڪالوني گلشن سڪندر آٻاد جو رهواسي آهي جيڪو سي ويو اپارٽمينٽ ۾ سبط رضا نالي شخص جي گهر تي بطور ڊرائيور جي طور تي نوڪري ڪندو هو.شروعاتي ڄاڻ موجب ٻئي ڄڻا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا آهن پر حتمي سبب پوسٽ مارٽم جي رپورٽ سامهون اچڻ کان پوءِ خبر پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو