ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي صورت ۾ بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي.نيپرا ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي تحت ٻڌڻي تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي تحت بجلي 35 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي.نيپرا موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2025 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ منظور ڪئي وئي.نيپرا جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست مارچ کان مئي 2026 تائين 3 مهينن لاءِ هوندي، واڌ بجلي جي صارفين تي 8.67 ارب رپين جو بار وجهندي.نيپرا ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي قيمت وڌائڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪليو.ياد رکڻ گهرجي ته موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي به مهانگي ڪئي وئي هئي. جولاءِ کان سيپٽمبر 2025 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي 33 پئسا مهانگي ڪئي وئي هئي.مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ڊسمبر 2025 کان فيبروري 2026 تائين لاڳو هئي.










