برسات، ٻن جهازن جي نوابشاهه ۾ لينڊنگ، ڪراچي ۾ 5 فوت

برسات، ٻن جهازن جي نوابشاهه ۾ لينڊنگ، ڪراچي ۾ 5 فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گُهٽ ۽ ٻُوسٽ کانپوءِ گجگوڙ سان بارش شروع ٿي وئي. ڪرنٽ لڳڻ ۽ حادثن ۾ ٻن ٻارن ۽ هڪ بزرگ سميت  4 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ڪراچي جي موسم خراب هئڻ سبب سيرين ايئر ۽ ايئر بليو جون اسلام آباد کان ڪراڇي ويندڙ اڏامون نوابشاهه ۾ لينڊ ڪرايون ويون. گارڊن فڳاره چوڪ لڳ ڪرنٽ سبب 55 سالن جو يوسف فوت ٿيو آهي، لانڍي ۾ بجلي جي تيار سبب 22 سالن جو نوجوان عثمان اختر، اسٽيل ٽائون ۾ 10 سالن جو ارباب ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو ۽ اورنگي ساڍا يارنهن نبمر ۾ نوجوان موٽر سائيڪل سميت نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو ۽ ويٽا چورنگي لڳ 5 سالن جو ٻار نالي ۾ ٻڏي فوت ٿيو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين جُهڙ رهندي ۽ وقفي وقفي سان بارش جو امڪان آهي. هوا 14 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهي آهي. ڪراچي ۾ 30 کان 40 ملي ميٽر بارش جو امڪان آهن. جوهر آباد، ابراهيم حيدري ۽ ٻين علائقن ۾ روڊن تي پاڻي 3 فٽ بيهجي ويو آحي، نيڪال جو نظام چوڪ ٿي ويو آهي ۽ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. ملير، صدر، شاهراهه فيصل، ڊفينس، ڪلفٽن، ملير، قائد آباد، گلشن حديد، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو، روهڙي، صالح پٽ ، ڌاٻيجي ،گهارو، نوشهروفيروز، ڪنڊيارو، اڪري چودڳي، ٺارو شاهه، محرابپور ۽ ٻين شهرن ۾ وسڪاري کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو، بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول، موسميات کاتي اڄ رات تائين ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ 60، اولڊ ايئرپورٽ ۾ 55 ۽ پهلوان ڳوٺ ۾ 42 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ جتي برسات پئي آهي انهن ۾ بجلي غائب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو