ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي زو جو اڳوڻو ڊائريڪٽر خالد هاشمي ٻيهر چڑیا گھر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (KMC) پهرين مارچ کان پوءِ ڪيل سموريون مقرريون، پوسٽنگز ۽ بدليون رد ڪري ڇڏيون.خالد هاشمي کان اڳ ڊائريڪٽر سفاري پارڪ ڪنور ايوب ڊائريڪٽر زو جو عهدو سنڀاليو هو.ذريعن موجب خالد هاشمي تي هاٿاني نور جهان جي سار سنڀال ۾ لاپرواهي جو الزام آهي.










