ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته پيپلز گرين ٽرانسپورٽ منصوبي تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 500 اليڪٽرڪ بسن کي مرحليوار طور متعارف ڪرايو ويندو.سينيئر وزيرشرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي منصوبو حڪومت جو فليگ شپ منصوبي طور هوندو، جنهن جو مقصد شهرين کي آرامده، گهٽ خرچ ۽ ماحول دوست سفري سهولتون مهيا ڪرڻ آهي، هن چيو ته هن منصوبي سان فضائي آلودگيءَ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ شهرين جي سفر جي معيار ۾ بهتري ايندي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته هن منصوبي ۾ ،جديد بس ڊپو،چارجنگ اسٽيشن ۽ خودڪار ڀاڙي جي وصولي جو نظام ۽ سمارٽ مانٽرينگ سسٽم شامل هوندو،سينيئر وزير چيو ته انهن قدمن سان ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد دور جي گُهرجن موجب بڻايو ويندو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد تائين16.5 ڪلوميٽر ڊگهي ايليويٽڊ ايڪسپريس وي جي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، جيڪو رڳو وزني گاڏين لاءِ مخصوص هوندو،جيڪو پورٽ کي سينيٽر تاج حيدر انٽرچينج سان ڳنڍيندو، جنهن سان شهر جي روڊن تي ٽرئفڪ جو دٻاءُ گهٽبو ۽ بندرگاهه جي ڪارڪردگي ۾ واڌارو ايندو.سينيئر وزير ماحولياتي تحفظ بابت ڳالهائيندي چيو ته جامشورو ۽ مٽياري جي علائقن ۾ 41 هزار هيڪٽر زمين تي دريائي ٻيلن جي پوک ڪئي ويندي، جيڪو ڪاربان جي اخراج ۾ گهٽتائي ۽ ماحول جي بهتري طرف هڪ اهم قدم هوندو.هن وڌيڪ چيوته سنڌ حڪومت زراعت ۽ فوڊ پروسيسنگ جي شعبي ۾ به خانگي شعبي جي شراڪتداري کي فروغ ڏئي رهي آهي، ٺٽي ضلعي ۾ٽماٽو ڪلسٽر پروسيسنگ پلانٽ قائم ڪرڻ ۽ صوبي ۾ چانور ۽ ڪڻڪ جي ميڪانائيزيشن لاءِ فزيبلٽي رپورٽون تيار ڪيون پيون وڃن،جيڪي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي واڌ ڏيڻ جي عزم کي ظاهر ڪن ٿيون.سينيئر وزير هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت صوبي ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي، ماحوليات ۽ انفراسٽرڪچر جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي، جيڪي شهرين کي سهولتون ڏيڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، سيڙپڪاري آڻڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جا ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوامي خدمت، ترقي ۽ خودانحصاري جي ويزن تي گامزن آهي ۽ عوام جي فلاح و بهبود لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.










