ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ، شارع فيصل ۽ ملير جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح هلڪي برسات پئي.موسميات کاتي موجب صبح جي وقت مختلف هنڌن تي برسات پئي، مسرور بنياد تي 1 ملي ميٽر کان گهٽ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڏينهن جو جزوي ۽ رات جو خشڪي رهندي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. شهر ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا باندی جو امڪان آهي، سامونڊي هوائن جو سلسلو جاري رهندو. موسميات کاتي موجب ڏکڻ اولهه طرف کان وهندڙ هوائن جي رفتار 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب 89 سيڪڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو