ڪراچي: کارادر ۾ ڌماڪو،هڪ عورت فوت 16 ڄڻا زخمي

ڪراچي: کارادر ۾ ڌماڪو،هڪ عورت فوت 16 ڄڻا زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.رپورٽن مطابق ڌماڪو کارادر ٿاڻي جي حد ۾ واقع ميمن مسجد ڀرسان اقبال ڪپڙي مارڪيٽ ۾ ٿيو. ڌماڪي کانپوءِ ڪپڙن جي دڪان ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي.شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو هو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ کارادر ٿاڻي جي پوليس موبائل تباهه ٿي وئي.فوتي عورت رڪشا ۾ سوار هئي،ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار موجب فوت ٿيل عورت رڪشا ۾ سوار هئي،زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن،پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ پوليس موبائل کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي ۾ اي ايس آءِ سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس موبائل جو ڊرائيور محفوظ رهيو.ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي موٽرسائيڪلن کي نقصان پهتو جڏهن ته موقعي تي موجود هڪ پوليس موبائل کي به سخت نقصان پهتو. ڌماڪي سبب ڪجهه دڪانن کي به نقصان پهتو ۽ سول اسپتال ۾ هڪ عورت فوت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.وزيراعظم شهباز شريف پارا واقعي جي مذمت ڪئي وئي وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ڌماڪي جي مذمت ڪندي مارجي ويلن ۽ زخمين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو،وزيراعظم ڪراچي ڌماڪي ۾ ملوث عنصرن جي فوري گرفتاري جي هدايت ڪندي سنڌ حڪومت کي وفاق طرفان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته سمورن صوبن ۾ سڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪيا وڃن ته جيئن عوام جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو