ڪراچي جي علائقي ملير ۾ زلزلو,شدت 3 ڏهائي 2 ريڪارڊ

ڪراچي جي علائقي ملير ۾ زلزلو,شدت 3 ڏهائي 2 ريڪارڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ملير علائقي ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3.2 ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته ان جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر ٻڌائي پئي وڃي.زلزلي جي مرڪز موجب ڪراچي ۾ صبح 9:34 تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.ان موقعي تي ماڻهو پنهنجن گهرن ۽ ٻين عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمه طيبه جو ورد شروع ڪيو.زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو