ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي خانگي اسپتال جي لفٽ ڪرنٽ ٿيڻ سبب عورت فوت ٿي وئي.ريسڪيو ذريعن موجب واقعو ڪريم آباد جي خانگي اسپتال ۾ پيش آيو، جتي لفٽ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت مريض فوت ٿي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي لفٽ ۾ اسٽريچر تي کڻي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










