ڪراچي جي ترقي لاءِ تعميراتي شعبي جو سهڪار لازمي آهي، ميئر

ڪراچي جي ترقي لاءِ تعميراتي شعبي جو سهڪار لازمي آهي، ميئر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان آباد بلڊرز اينڊ ڊيولپرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين حسن بخشي جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن، تعميراتي شعبي، شهري انفراسٽرڪچر ۽ گڏيل سهڪار سان لاڳاپيل مختلف اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بلديه عظميٰ ڪراچي جي ميونسپل ڪمشنر ابرار جعفر، مالي صلاحڪار گلزار ابڙو، لاڳاپيل آفيسر ۽ بلڊرز پڻ موجود هئا.ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته تعميراتي صنعت هن وقت ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، جنهن سان ڪروڙين ماڻهن جو روزگار وابسته آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بلديه عظميٰ ڪراچي شهر جي ترقي، جديد انفراسٽرڪچر جي فراهمي ۽ شهري سهولتن جي بهتري لاءِ ڀرپور نموني سان ڪم ڪري رهيون آهن، جيئن ڪراچي کي هڪ جديد ۽ ترقي يافته شهر بڻائي سگهجي.هن وڌيڪ چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي ڪچين آبادين جي ترقياتي ماڊل کي جديد بنيادن تي استوار ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ آباد بلڊرز اينڊ ڊيولپرز ايسوسيئيشن جو سهڪار انتهائي اهم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته نجي شعبي ۽ شهري ادارا گڏجي اهڙن منصوبن کي هٿي ڏيندا، جن سان شهرين کي بهتر رهائشي سهولتون ۽ بنيادي خدمتون فراهم ٿي سگهن.ميئر ڪراچي چيو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو ٽرئفڪ آهي، جنهن جي حل لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن ٻڌايو ته شهر ۾ جديد پارڪنگ پلازن جي قيام جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي، جنهن سان ٽرئفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ پارڪنگ جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. وفد بلديه عظميٰ ڪراچي پاران جاري ترقياتي قدمن کي ساراهيو ۽ شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو