ڪراچي: بزنس مين محمد لاکاڻي هٿياربندن هٿان زخمي

ڪراچي: بزنس مين محمد لاکاڻي هٿياربندن هٿان زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ناليوارو بزنس مين محمد لاکاڻي ۽ سندس ڊرائيور زخمي ٿي پيا، ٻنهي کي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري چيو آهي ته محمد لاکاڻي جي گاڏي لياري ايڪسپريس وي کان بڙا بورڊ ڏانهن مڙي ته ڪرولا ڪار ۾ سوار 3 هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، محمد لاکاڻي پاران جوابي فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا نجي اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته محمد لاکاڻي ۽ سندس ڊرائيور جي حالت خطري کان ٻاهر آهي وڏي وزير مراد علي شاهه محمد لاکاڻي جي ڪار تي فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس ورتو وڏي وزير فائرنگ جي مذمت ڪندي اي آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو