ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد جي بورا پيرا فليٽ واري علائقي مان هڪ شخص جو ڳلو ڪٽيل لاش مليو آهي. پوليس اختيارين موجب، مقتول جي سڃاڻپ 34 سالن جي مصطفيٰ جي نالي سان ٿي آهي. مقتول منشيات جو عادي ۽ ذهني طور تي غير مستحڪم هو. مقتول چاقو سان پنهنجو ڳلو ڪٽي خودڪشي ڪئي. پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته مقتول غير شادي شده هو، مقتول جو پيءُ پيشي طور قصائي آهي، ۽ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










