ڪراچي، شهرين جي تشدد ۾ هڪ ٻيو ڌاڙيل مارجي ويو

ڪراچي، شهرين جي تشدد ۾ هڪ ٻيو ڌاڙيل مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سينٽرل ضلعي جي بفر زون سيڪٽر 15 اي ۾ مبينا تشدد جو ٻيو زخمي ٿيل ڌاڙيل علاج دوران فوت ٿي ويو.پوليس موجب زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل رات شهرين 2 ڌاڙيلن کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.پوليس جو چوڻ آهي ته شهرين جي تشدد سبب هڪ ڦورو موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته ٻئي کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس ٻن فوتين جي سڃاڻپ لاءِ فنگر پرنٽس وٺي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو