رينجرز تي حملو، هڪ دهشتگرد گرفتار ۽ 3 مارجي ويا

رينجرز تي حملو، هڪ دهشتگرد گرفتار ۽ 3 مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز سنڌ جي هڪ ڪيمپ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو، وقتائتي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته رينجرز جا 3 جوان ڌرتي تان قربان ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، 27 جون تي ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي هڪ ڪيمپ تي ڀارتي پراڪسي، جماعت الاحرار جي خوارجن دهشتگردن حملو ڪيو، دهشتگردن ڪيمپ جي مکيه گيٽ تي ڌماڪو ڪرڻ کانپوءِ سيڪيورٽي حصار ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.رينجرز جي جوانن وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڪارروائي دوران ٽي دهشتگرد هلاک جڏهن ته هڪ زخمي افغان دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وطن جا ٽي بهادر سپوت شهيد جڏهن ته چار اهلڪار زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب، وڌيڪ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، عزمِ استحڪام وژن تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري قوت سان جاري رهندي. پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز شعبي موجب، پاڪستان شهيدن جي رت جو بدلو وٺڻ لاءِ حملي جي ذميوار عناصرن خلاف ڀرپور جوابي ڪارروايون ڪندو. چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو