شنگھائي (ويب ڊيسڪ) چين جي ڪرنسي يوآن مارچ ۾ سرحد پار ٽرانزيڪشن لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ڪرنسي بڻجي وئي آهي ۽ پهريون ڀيرو ڊالر کان مٿي استعمال ٿي آهي. جيڪا بيجنگ پاران يوآن جي استعمال کي بين الاقوامي بڻائڻ جي سنجيده ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿي. يوآن ۾ سرحد پار ادائگيون ۽ وصوليون مارچ ۾ 549.9 بلين تائين وڌي ويون آهن جيڪي هڪ مهينو اڳ 434.5 بلين ڊالر تائين پهتيون هيون. رائٽر جاري ڪيل پنهنجي اسٽوري ۾ چيو آهي ته هنن اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن آف فارن ايڪسچينج جي ڊيٽا جي بنياد تي اهي انگ اکر حاصل ڪيا آهن. مارچ ۾ ڪراس بارڊر تجارت ۾ يوآن جو استعمال 48.4 سيڪڙو رهيو. جڏهن ته ڊالر جو حصو هڪ مهينو اڳ 48.6 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 46.7 سيڪڙو رهيو. ڪراس بارڊر ٽرانزيڪشن جو مقدار موجوده ۽ سرمائيداري اڪائونٽس ٻنهي تي پکڙيل آهي. چين ڊگهي عرصي کان سرحد پار واپار ۾ يوآن جي استعمال کي فروغ ڏئي رهيو آهي جيئن سندن ڪرنسي عالمي ڪرنسي بڻجي سگهي. عالمي ٽريڊ فنانس ۾ يوآن جو استعمال گهٽ رهيو آهي پر اها به حقيقت آهي ته ان ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.










