لاهور(ويب ڊيسڪ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته چند جنرلن ۽ ججن پنهنجي زالن ۽ ٻارن جي زور تي ملڪ تي اناڙي کي مڙهيو ويو،لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستاني مصنوعات کي عالمي معيار جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، مختلف صوبن جي واپارين کي نمائندگي جو موقعو ڏنو ويندو.هن چيو ته ارشد نديم ثابت ڪيو ته ڪاميابي جو واسطو وسيلن سان ناهي، ارشد نديم پنهنجي محنت ۽ لگن سان ميڊل کٽي سڄي قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو.احسن اقبال چيو ته بجلي جي بلن جو بحران اسان کي ورثي ۾ مليو آهي، حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، قوم بجلي جي بلن جي بحران مان نڪرندي.وفاقي وزير چيو ته چند جنرلن ۽ ججن پنهنجي زالن ۽ ٻارن جي زور تي ملڪ تي انڌاڌنڌ راڄ مسلط ڪيو.










