ڪتن سان ڀلي کيڏ پر قومي ادارن سان راند بند ڪريو،مريم

ڪتن سان ڀلي کيڏ پر قومي ادارن سان راند بند ڪريو،مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته قومي ادارن سان راند خطرناڪ آهي، اُن جا نتيجا ڀوڳڻا ئي پوندا، عمران خان کي حڪومت ويندي نظر آئِي ته وقت کان اڳ سينيٽ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن، حڪومت جو غيرآئيني فيصلو مڃيو ته اُن کي به جانبدار سمجهيو ويندو، اُميد ته سپريم ڪورٽ آئين جو چهرو بگاڙڻ جو حصو نه ٿِيندي. مريم نواز وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته اوهان سينيٽ اليڪشن جو اعلان ڪندئو ته ڇا اسان چُوڙيون پائَي گهر ويهي رهنداسين، جيڪي به حربا استعمال ڪريو، اوهان کي جلد گهر وڃڻو ئي پوندو، اوهان کي پي ڊي ايم جَي جلسن سان فرق نه ٿو پوي ته پوءِ اوچتو پنهنجِي حڪمتِ عملي ڇو تبديل ڪرڻي پَئِي؟عمران خان کي خوف آهي ته اتحادين سوڌو پارٽي جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ساٿ ڇڏي ويندا، تنهنڪري شو آف هينڊز جو فيصلو ڪيو، آرڊيننس ذريعي آئين کي بلڊوز نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئِي سپريم ڪورٽ آئين ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي، عمران خان ذاتي مفادن لاءِ سپريم ڪورٽ کي هن مامري ۾ ڇو پيو گهلي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران مريم نواز چيو ته 27 ڊسمبر تي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدا بخش وينديس ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري به ڀرينديس.

پهنجو تبصرو موڪليو