ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪُتن جي ڏاڙهڻ واري ڪيس ۾ ايم پي ايز جي معطلي وارو فيصلو غيرقانوني قرار ڏيندي آفيسرز کي ايم پي ايز جي معطلي وارو فيصلو ڏيندڙ جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ اڳيان پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، ڪيس سکر بئنچ کان ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ سنڌ سرڪار طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جج، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي، اي جي سنڌ طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ سنڌ سرڪار موقف اختيار ڪيو آهي ته جسٽس آفتاب احمد ايم پي ايز جي معطلي بابت غيرقانوني آرڊر پاس ڪيو آهي، اڳتي جسٽس آفتاب جنهن به بئنچ جو حصو هجي، اُتي سنڌ حڪومت جو ڪيس نه لڳايو وڃي، درخواست ۾ ڪُتن جي ڏاڙهڻ بابت درخواستون سکر کان ڪراچي منتقل ڪرڻ جي استدعا، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جج، جسٽس آفتاب ڳورڙ ڪُتن جي ڏاڙهڻ واري ڪيس ۾ رتوديرو ۽ ڄامشورو جي ايم پي ايز کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.










