ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني ايڪسپو سينٽر م صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ٻوڏ سان منهن ڏئي نٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ٻوڏ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. هن چيو ته ڪا به حڪومت اهڙن سانحن سان اڪيلي سر نٿي وڙهي سگهي، سنڌ حڪومت ڪي پي جي متاثرين لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي، ۽ ضرورت پئي ته ضرور وڌيڪ امداد موڪلي ويندي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ برساتن سبب ٿيندڙ نقصان هڪ وڏو سانحو آهي، ڪا به حڪومت برساتن جهڙن چئلينجن تي سياست نٿي ڪري، جڏهن ڪراچي ۾ برسات پوندي آهي ته سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، آزمائش جي صورت ۾ تنقيد ڪرڻ بدران اسان ۽ اسان جي ادارن جي مدد ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته تنقيد ڪرڻ سان ماڻهن ۾ مايوسي پيدا ٿئي ٿي ۽ بحالي جو ڪم ڪندڙ ماڻهن جو حوصلو گهٽجي ٿو. ھن چيو ته ڪوتاهين کي سامهون آڻڻ گهرجي پر ڏکئي وقت ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. نالن جي صفائي جو ڪم 28 جون کان شروع ڪيو آهي ۽ اڃا تائين جاري آهي. حڪومت جي ترجيح پهرين مرحلي ۾ مکيه شاهراهن کي صاف ڪرڻ آهي. ڪي پي ڪي ۾ واقعي تي ڪنهن به پارٽي منفي سياست نه ڪئي آهي.










