ڪاڇي ۾ برسات رحمت به زحمت به، ڳوٺن جو رابطو ڪاٽا

ڊرگهه بالا (ن س) کيرٿر جي پهاڙن ۽ ڪاڇي ۾ تيز برسات کانپوءِ ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. پهاڙن تي لڳاتار برسات کانپوءِ نئين گاج، نئين نلي، نئين انگئي، نئين کنڌاني ۽ ٻيون نئيون تارو تار وهي رهيون آهن ۽ علائقي ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. پاڻي گاج بند کي پائڻ لڳو، بند جي ڀرپاسي وارا ڳوٺاڻا پريشان آهن. اسماعيل لغاري، ڪنڊو ٻبر، پوٺو لنڊ، جعفر خان لنڊ، سرائي فقير محمد، راڄو ديرو،  ٽنڊو رحيم، گاجي شاهه ۽ ٽوڙ سوڌو ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻن زميني رابطو بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي پاڻي سبب ڪاڇي زمينون ٺري پيون آهن ۽ نوجوان به هر هنڌ وهنجدي نظر اچن ٿا.

ڪاڇي جي زمين تي گوار، جوئر، مڱ، موٺ، هنداڻن، گدرن ۽ ميهن سوڌو ڪيترائي فصل پوکجي رهيا آهن ۽ پاڻي سڪڻ بعد وري پوکبا. هڪ پاسي برسات پوڻ جي کين خوشي آهي ته ٻئي پاسي انتظامي نااهلي سبب کين پريشانين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. ساوڙو، بچل شاهه، شهڪ رودناڻي، احمد برهماڻي ۽ ٻين ڳوٺن جا رستا پاڻي هيٺ اچڻ باوجود انتظاميا حرڪت ۾ نه آئي آهي، شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيڻ ڪري هو بنيادي شيون به وٺڻ لاءِ ڪيڏانهن نٿا وڃي سگهن. گورک ڏانهن ويندڙ رستا به بند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو