ممبئي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جو مشهور ميزبان ۽ ڪاميڊين سهيل احمد عرف عزيز هاڻي ڀارتي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو.سهيل احمد پنجابي انڊين فلم ”بابا ڀنگڊا پاوند نه“ ۾ سپر اسٽار دلجيت دوسانجھ ۽ سرگن مهتا سان گڏ نظر ايندو.فلم جو ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اداڪار دلجيت کي پنهنجي دوستن سان گڏ پيءُ جي وفات کانپوءِ انشورنس پاليسي جي رقم واپس وٺڻ ۽ ڪاروبار سنڀالڻ جي منصوبابندي ڪندي ڏٺو ويندو.اداڪاره سرگن مهتا، جيڪا اولڊ ايج گهر ۾ ڪم ڪندي آهي، دلجيت جي منصوبي ۾ مدد ڪندي پنهنجي مريضن جي صحت بابت معلومات شيئر ڪري ٿي.فلم جي شوٽنگ آمريڪا ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سهيل احمد پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ٻئي جي فلمن ۽ ڊرامن جي رليز تي پابندي لڳل آهي.










