ڪامسيٽس يونيورسٽي ۾ آرٽ نمائش جو انعقاد

اسلام آباد( پ ر) ڪامسيٽس آرٽ گيلري ۾ جمعي تي هڪ آرٽ نمائش “پوٽپوري” جوافتتاح ڪيو ويو. نمائش جو افتتاح پروفيسر ڊاڪٽر سجاد اي مدني، رجسٽرار ڪامسيٽس يونيورسٽي ڪيو. نمائش ۾ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن جي شاگردن جي آرٽ ورڪ تي مشتمل پينٽنگس، ڪولاجيز ۽ پاڪستان جا نقشا شامل وغيره نمائش لاءِ رکيا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پروفيسر. ڊاڪٽر سجاد اي مدني شاگردن کي نصيحت ڪئي ته هو پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جيترو ٿي سگهي محنت ڪن. هن چيو ته شاگردن لاءِ اهو انتهائي اهم آهي ته اهي رجحان ساز ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ حاصل ڪن ۽ انهن ذريعي پنهنجي تخليقي صلاحيت ۾ جدت آڻين. ڊاڪٽر مدني چيو ته COMSATS يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي آرٽ گيلري جي صورت ۾ هڪ بهترين پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي آرٽسٽن ۽ مقامي صلاحيتن کي اڪثر ڏيکاريو ويندو آهي. ان موقعي تي COMSATS آرٽ گيلري جي انچارج فرح محمود خطاب ڪندي شاگردن جي محنت کي ساراهيو جن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. نمائش ۾ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو