حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي، سينيئرنائب صدر ڪامريڊ حڪم چند, جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي, سوشل سيڪريٽري جبار باغي, فنانس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ عالم زيب ميمڻ, پريس سيڪريٽري اعجاز شر پاران گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته ڪامريڊ احمد خان لغاري جو وڇوڙو پورهيت جدوجهد جو وڏو نقصان آهي ڪامريڊ جي وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجڻ انتهائي ڏکيو آهي ڪامريڊ احمد لغاري چمبڙ هاري تحريڪ جو نمايان ڪردار هو، هو آخري دم تائين سنڌ هاري ڪاميٽي جي جهنڊي سلهاڙيل رهيو اڄ سندس وفات جو دلي صدمو رسيو آهي ڪامريڊ احمد خان لغاري هاري انقلاب جاکوڙي ڪردار هو چمبڙ هاري تحريڪ پاران پهريون دفعو چمبڙ ۾ هاري ڪورٽون قائم ڪري جج پڻ رهيو سنڌ جي پورهيت تحريڪ لاء وڏيون قربانيون آهن سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان 3ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيون ٿا ۽ ڪامريڊ احمد خان لغاري کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.










