ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس جي ٻاهران گهنٽي ٽنگي ڇڏي

ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس جي ٻاهران گهنٽي ٽنگي ڇڏي

ڪرچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري عوام جو ن شڪايتون ٻڌاڻ لاءِ گورنر هائوس ٻاهران گهنٽي ٽنگي مغل بادشاهه جهانگيرجي ياد ڏياري ڇڏي جنهن 17هين صدي ۾ محل کان ٻاهر انصاف جي گهنٽي لڳائي ڇڏي هئي تفصيل مطابق گورنر هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو گورنر هائوس ٻاهران پنهنجون شڪايتون ۽ مسئلا کڻي ايندڙن لاءِ گيٽ تي اطلائي گهنٽي لڳائي ڇڏي هي گهنٽي هنگامي صورتحال لاءِ آهي ۽ ان جو وقت رات 12 کان صبح 8 وڳي تائين هوندو ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ان جو باضابطا افتتاح اربع 10 مئي تي 3 وڳي ميڊيا جي موجودگي۾ ٿيندو واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آئي جي اسيمبلي ميمبر فهيم خان گورنر هائوس کان ٻاهر غلط وڊيو ٺاهي گهنٽي نه لڳڻ جو غلط پروپيگنڊا ڪيوهو گورنر ان حوالي سان چيو ته پنهنجو پاڻ کي عوامي نمائندوچوندڙ گورنر هائوس ٻاهران لڳل گهنٽي بابت عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن هن چيو ته اصل ۾ انهن کان گورنر هائوس عوام لاءِ کولي ڇڏڻ برداشت نه پيو ٿئي ڇوته هي ان جي ليڊر جو واعدو هو جيڪومان پورو ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو