ڪالعدم ڪميٽي سان ڳالهيون ڪامياب، مظفرآباد ڏانهن مارچ ملتوي

ڪالعدم ڪميٽي سان ڳالهيون ڪامياب، مظفرآباد ڏانهن مارچ ملتوي

راولاڪوٽ(ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ پابندي مڙهيل (ڪالعدم) ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.ذريعن موجب، حڪومت سان مذاڪرات ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ پابندي مڙهيل ڪميٽي مظفرآباد ڏانهن مارچ کي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ چيو ته حڪومت پاران مطالبن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته 22 جولاءِ کان مارچ جو آغاز ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو