ڪالعدم تحريڪ طالبان جو ڪمانڊر ڌماڪي ۾ مارجي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪمانڊر بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو. خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ مطابق ٽي ٽي پي جي ترجمان پاران تصديق ڪئي وئي آهي ته ڪمانڊر شهريار محسود کي افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ رموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ ماريو ويو آهي. اي ايف پي مطابق پاڪستاني انٽيليجنس انتطاميه واقعي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته شهريار محسود 2016 ۾ افغانستان فرار ٿي ويو هو. واضح رهي ته 2 هفتا اڳ ٽي ٽي پي ڪمانڊر خالد حقاني ۽ قاري سيف الله پشاوري به سيڪيورٽي فورسز جي جهڙپن ۾ مارجي چڪا آهن پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته شهريار محسود کي مارڻ ۾ ڪنهن جا هٿ آهن. واضح رهي ته فيبروري 2018 ۾ ٽي ٽي پي جي ڪمانڊر خان سيد سجنا کي افغانسان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ ٻين 9 ساٿين سميت ماريو ويو هو. خان سجنا کي ساٿين سميت خڙ تنگي جي علائقي ۾ دفنايو ويو. ياد رهي ته آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ قطر ۾ امن عمل جي حوالي سان مذاڪرات گذريل هڪ سال جي عرصي کان وڌيڪ جاري آهن پر افغانستان ۾ ٻنهي طرفان هڪ ٻئي خلاف ڪارروائين جو سلسلو به جاري رهندو آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو