واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ڪالعدم بي ايل اي ۽ ڪالعدم مجيد بريگيڊ کي دهشتگرد گروپ قرار ڏئي ڇڏيو. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي مطابق ڪالعدم بي ايل اي ۽ ڪالعدم مجيد بريگيڊ بين الاقوامي ۽ عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي، ڪالعدم بي ايل اي کي اڳ ئي عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميه جو دهشتگردي روڪڻ لاءِ عزم برقرار آهي. آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي بيان موجب بي ايل اي ڪراچي ايئرپورٽ ۽ گوادر پورٽ ڪمپليڪس تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بي ايل اي جعفر ايڪسپريس ٽرين حملي جي ذميواري به قبول ڪئي هئي، جنهن ۾ 31 ڄڻا شهيد ۽ 300 ماڻهو يرغمال بڻايا ويا هئا. پاڪستان سدائين چوندو رهيو آهي ته ڀارت بدامني ڦهلائڻ لاءِ بي ايل اي جي فنڊنگ ڪري رهيو آهي. تازو ڀارت سان صدر ٽرمپ جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڏيڍ مهيني ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي جي ٻئي دوري سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ قربت پيدا ٿي آهي.










