ڪالج ۾ سوئر داخل، استاد ۽ شاگرد پريشان، خفتين لاءِ رونشو

ڪالج ۾ سوئر داخل، استاد ۽ شاگرد پريشان، خفتين لاءِ رونشو

سڪرنڊ (ن س) گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سڪرنڊ ۾ شاگردن ۽ ليڪرارز ۾ ان وقت ڀاڄ پئجي وئي جڏھن سوئر ڪاليج ۾ داخل ٿي ويو هر ڪو ماڻھو جان بچائڻ لاءِ ڊڪڻ لڳو واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي ڪاليج جي ليب اسسٽنٽ غلام علي ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته سوئر رات جي ڪنهن ٽائيم تي ڪاليج ۾ داخل ٿيو جيڪو ليبارٽري ۾ ستل هو اسان کي خبر تڏھن پئي جڏھن صبح ڊيوٽي تي پهچي ليبارٽري ۾ داخل ٿياسين سوئر ڏسي خوف به ٿيو پر سوئر کي سُتل ئي ڇڏي اچي فورن پرنسپال محمد خان ڪيريو کي اطلاع ڪيو جنهن سوئرن جي شڪارين کي گهرايو ته جيئن اهي ڪنهن طريقي سان سوئر کي پڪڙي سگهن جنهن بعد شڪار جا شوقين پنهنجي خفتي ڪُتن سان گڏ پهتا جن ليبارٽري ۾ داخل ٿي ڪُتا ڇڏيا سوئر ڪتن کي ڏسي ڀاڄ کاڌي جنهن سان ڪاليج جي شاگردن ۽ عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو پر خفتين جي ڪوشش سان ڪتن سوئر کي زخمي ڪري وڌو جنهن بعد سوئر ڪمزور ٿيڻ بعد ڪري پيو بعد ۾ ڪتن ۽ خفتين سوئر کي ماري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو