ڪالاباغ بابت گنڊاپور جي تجويز رد ڪيون ٿيا

ڪالاباغ بابت گنڊاپور جي تجويز رد ڪيون ٿيا

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته ڪالاباغ جي حوالي سان علي امين گنڊاپور جي تجويز مناسب نه آهي، هي وقت تڪراري بيانن جو نه آهي. سنڌ ۾ ڪنهن به بند ۾ ڪٽ نه پيو هنيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي جي ماڻهن لاءِ رليف ڪيمپ قائم ڪيا آهن، ايندڙ هڪ کان 2 ڏينهن ۾ ٻوڏ جي پاڻي جو اندازو ٿي ويندو. ٻئي طرف سنڌ جي زراعت واري وزير محمد بخش مهر چيو ته ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي گهوٽڪي، اوٻاوڙو جي 16 علائقن مان ماڻهن کي منتقل ڪيو ويندو. متاثرين جي لاءِ 5 رليف ڪيمپس ۽ 3 جديد موبائل اسپتال ڪم ڪري رهيا آهن. قادر پور شينڪ بند جي حساس هنڌ تي مرمتي ڪم جاري آهي.ياد رهي ته علي امين گنڊاپور چيو ته ڪالاباغ ڊيم مان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه کي پاڻي ملندو. سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم تي مسئلو آهي ته ڳالهيون ڪيون وڃن. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي سياست جي ڪري اهو منصوبو رڪيل آهي اهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو