جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) شھدادڪوٽ پوليس پاران پ پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ منير احمد بروھي ۽ سندس ڀائرن خلاف دھشتگردي جو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ ڪراچي ۾ اڳواڻ غلام نبي گبول مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جيڪب آباد ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو پاران ضلعي آفيس کان عبدالسميع سومرو، نور محمد منجھو، نثار ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن جيڪڏهن ڪيس جلد ختم نه ڪيا ويا ته اسان جو احتجاج جاري رهندو.










