ڪارپوريشن شهر ۾ سيوريج نظام جي بهتري لاءِ مصروف

ڪارپوريشن شهر ۾ سيوريج نظام جي بهتري لاءِ مصروف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضي وھاب جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن سڄي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ بهتر قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن جي انتطاميه سڄي شهر ۾ سيوريج جي نظام جي بهتري لاءِ ڏينهن رات مصروف آهي ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ٽائون چيئرمين ڪورنگي محمد نعيم شيخ جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڪيو ان موقعي تي ٽائون چيئرمين ڪورنگي واٽر ڪارپوريشن جي اختيارين کي ڪورنگي ٽاؤن ۾ درپيش پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن کان آگاھ ڪندي چيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن سي او او واٽر ڪارپوريشن وفد کي سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جو يقين ڏياريندي لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي هدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ان موقعي تي ٽائون چيئرمين جو چوڻ هو واٽر ڪارپوريشن انتظاميه تازو برساتن کانپوءِ سيوريج جي نظام جي بھتري لاء ڪورنگي ٽائون سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي جنهن تي اسين واٽر ڪارپوريشن انتظاميا جا شڪر گذار آهيون ملاقات دوران محمد اسلم اعواڻ، تنوير شيخ، شفقت مڱن ۽ شھباز بشير سميت ٻيا آفيسر موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو