اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پنجن ڪاروباري گروپن بلوچستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. هي ترقي ماري منرلز ۽ گلوبا ڪور منرلز جي وچ ۾ هڪ گڏيل منصوبي جي معاهدي کان پوءِ آئي آهي. معاهدي تحت، گلوب منرلز لميٽيڊ بلوچستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. معاهدي تحت، چاغي ۾ سون ۽ ٽامي سميت معدنيات جي ڳولا ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. اڳوڻي وفاقي وزير گوهر اعجاز جو چوڻ آهي ته معدني ترقي سان ملڪ ۾ امن، ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.










